اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماحولياتي آلودگي انساني زندگي لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، پاڪستان کي صاف ۽ سرسبز بڻائي مثالي ملڪ بڻائينداسين، سڄي قوم کي گڏجي ماحولياتي آلودگي جو مقابلو ڪر??و پوندو، پاڪستان جي جيڪڏهن اسان قدر ڪنداسين ته اهو سون ڏيندو ۽ وڏو سياحتي مرڪز بڻجي اڀرندو، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ نئون تاريخي بلدياتي نظام کڻي اچي رهيا آهيون، ماڻهو پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪندا، ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ٽيڪس جو پئسو ملڪ کي ٺيڪ ڪر?? ۽ ماحول کي ب??تر بڻائڻ تي خرچ ڪنداسين. اهڙن خي??لن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪلين اينڊ گرين پاڪستان انڊيڪس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.