اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿي??دڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ غريب ماڻه?? جي امداد لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، مخالف ڌر ان معاملي تي سياست نه ڪري، اهڙ?? بحث ۾ نه پوڻ گهرجي جنهن سان معاشرو ورهائجي وڃي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته معيشت جو ڏيوالپڻو ٿئي ۽ انهن کي اين آر او ملي وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿي??دڙ صورتحال ت?? بحث ۾ حصو وٺندي وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو ته انهن ڊاڪٽرن، نرسن، پيراميڊيڪل اسٽاف، سيڪيورٽي فورسز، فلاحي تنظيمن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪي پنهنجي حياتي خطري ۾ وجهي ان وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، انه?? جي قربانين کي آئون پنهنجي ساٿين پاران سلام پيش ڪريان ٿو، انه?? جي اهاقرباني سدائين هن ملڪ جي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکي ويندي، هن پوري وبا جو انٽرنيشنل تناظر آهي، اها ڪنهن مقامي علائقي جي نه آهي، اهو پاڪستان جو نه پوري دنيا جو مسئلو آهي.