اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان سميت ??لڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سيني?? سيڪريٽريٽ موجب هن متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. سينيٽ چيئرمين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو ??ه بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي مدد لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ جن علائقن جو رابطو ملڪ جي ٻين حصن سان ??ٽجي ويو آهي انهن جي بحالي لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن.