ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيدوار و??ري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين اربع ڏينهن پورٽ قاسم انڊسٽريل اسٽيٽ ڪراچي ۾ ??وي??ٽا انڊس موٽر ڪمپني لميٽيڊ (آءِ ايم سي) جو دورو ڪيو. ايگزيڪيٽو نائب صدر ??وي??ٽا موٽر ايشيا ڪاز وناري اگوچي، سي اي او آءِ ايم سي اصغر علي جمالي ۽ آءِ ايم سي ??وي??ٽا جي ٻين سينئر آفيسرن وفاقي وزير جو والهاڻو استقبال ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين آءِ ايم سي ??وي??ٽا کي گاڏيون روانگي واپار ??ري سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن 64 سيڪڙو تائين آپريشنز جي لوڪلائيزيشن لاءِ آءِ ايم سي انتظاميه جي واکاڻ ڪئي جيڪا پاڪستان حڪومت جي جدت ۽ پاڻ ڀاڙڻ جي ويزن جي عڪاسي ??ري ٿي. وفاقي وزير 700 ملين آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري ۽ 76000 يونٽس تيار ??ري قومي ترقي ۾ ??وي??ٽا جي ڪردار کي به تسليم ڪيو. ان کانسواءِ ڪمپني قومي خزاني ۾ 258 بلين جو حصو وجهي ٿي جيڪا ملڪ جي قومي ترقي ۾ ان جي عزم جي عڪاسي ??ري ٿي. وفاقي وزير ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ هائبرڊ گاڏيون تيار ??ري ماحولياتي چئلينجن کي من??ن ڏيڻ لاءِ ڪمپني جي فعال انداز کي به اجاگر ڪيو ۽ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته ”ان طرح جا قدم موٽر انڊسٽري ۾ ٻين لاءِ هڪ مثال آهن“ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير آءِ ايم سي جي سي اي او اصغر علي جمالي جي قائداڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ڪمپني کي ان سنگ ميلن تائين پهچائڻ ۾ ان جو اهم ڪردار رهيو. هن آءِ ايم سي انتظاميه جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته قومي ترقي ۾ ان جو نقطه ??ظر پاڪستان حڪومت سان هم آهنگ آهي. ??وي??ٽا موٽر ايشيا جي ايگزيڪيٽو نائب صدر چيو ته ”آءِ ايم سي سان حصيداري وقت سان گڏوگڏ ٺاهي وئي آهي ۽ تمام گهڻي نتيجا ڏيندڙ آهي. ??وي??ٽا ۾ اسان چئون ٿا ته اسان ڪارون ٺاهڻ کان پهرين ماڻهن کي ٺاهيندا آهيون ۽ هي قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهي. پاڪستان طرفان هنرمندي ۽ انساني وسيلن جي تربيت ۾ بهتري، اسان مسلسل تعاون ۽ ڪاميابي جا منتظر آهيون. سي اي او آءِ ايم سي ??وي??ٽا اصغر علي جمالي پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير ۽ حڪومت جو ٿورو مڃيو، ڪمپني جي دوري تي وفاقي وزير هڪ ٻوٽو لڳايو، گاڏين جي ايڪسپورٽ يونٽ جو افتتاح ڪيو ۽ آءِ ايم سي ??وي??ٽا طرفان کيس هڪ يادگار پيش ڪيو ويو.